اسلام آباد-10 جنوري(اي پي پي)موسمياتي ت??ديلين ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته عالمي گرمي پد ۾ لاڳيت?? اضافو ٿي رهيو آهي.پاڪستان ڪوپ – 29 ۾ موسمياتي ڳالهين جي حوالي ??ان اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان اسريل ۽ اسرندڙ ملڪن جي مفاد ۾ توازن پيدا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي نسٽ يونيورسٽي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو شمار موسمياتي ت??ديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. گرمي پد 1.5 تائين محدود ڪرڻ واري پيرس معاهدي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته پاڪستان 09 سالن جي مذاڪراتي عمل کان پوءِ آرٽيڪل 06 تي اتفاق لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي آئڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2025ع ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن لاءِ 730 ملين ڊالرز کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته پاڪستان ۾ 2022 ۾ آيل ٻوڏ تباهي مچائي، ٻوڏ دوران عورتون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيون، هن چيو ته قدرتي آفتن دوران نقصان کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ عوام ?? آگاهي ضروري آهي. نوجوان موسمياتي ت??ديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ماحولياتي ت??فظ کي نظر ۾ رکندي صنعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. هن چيو ته ڪوپ – 29 ۾ پاڪستان جو ڪردار اعتماد جوڳو رهيو. پاڪستان ڪوپ – 29 ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. ڪوپ – 29 ۾ پاڪستان موسمياتي ت??ديلي ??ي متاثر ملڪن جي نم??ئندگي ڪئي. هن چيو ته ڪوپ – 29 ۾ پاڪستان نه رڳو پنهنجي جنگ وڙهي پر سمورن متاثر ملڪن جي نم??ئندگي ڪئي.