اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اُڏار پاڪستان پروگرام معيشت جي استحڪام کي روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر طرف وٺي ويندو، اُڙان پاڪستان پروگرام تي مڪمل عملدرآمد سان آءِ ايم ايف سان موجوده پروگرام آخري پروگرام ثابت ٿيندو. قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان جي شروعات ۾ خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي ناڻي ??ار?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم محمد شهباز جي اڳواڻيءَ ۾ قومي اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان جي شروعات ڪئي پئي وڃي، جنهن کي اُڏار پاڪستان جو نالو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ان جو بنيادي مقصد هي آ??ي ته ملڪ جي مجموعي معيشت ۾ جيڪو استحڪام اچي چڪو آهي ۽ جيڪو بنياد بڻايو ويو اهو ان کي جٽادار اؤسر طرف وٺي ويندو. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته اقتصادي ٽرانسفارميشن پلان جا ٽي يا چار اهم ٿنڀ آهن، اؤسر روانگي واپار تي ٻڌل هوندي ته جيئن ماضيءَ جي بوم اينڊ بسٽ سائيڪل جو ورجاءُ نه ٿئي، ان پلان تحت نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ ڍانچه جاتي تبديلين ۽ سڌارن جو سلسو شروع ڪيو آهي ان کي منطقي انجام تائين مڪمل ڪرڻ آهي، ٽيڪس نظام، ايس او اي سڌارن ۽ توانائي جي شعبي ۾ کنيل قدمن سيمت سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رهندو. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته اها ڳالهه سٺو سنوڻ آهي ته جيترا به قدم کنيا ويا آهن انهن تي عمل لاڳو ۽ ان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي ۽ وزيراعظم پاڻ ان جي نگراني ڪري رهيو آهي. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته اُڏار پاڪستان پروگرام ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ اسان کي اهڙي مقام تي پهچائيندو جنهن سان موجوده آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان لاءِ آخري پروگرام ثابت ٿيندو.