لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شه??از شريف قومي اس??مبلي جي
اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي
جوڙي ڇڏي وزيراعظم آفيس مان جاري بيان مطابق ڪميٽي ۾ نائب
وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثنا الله خان، سينيٽر عرفان صديقي شامل هوندا.
ڪميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽
چوڌري سالڪ حسين شامل هوندا. گذريل رات تحريڪ انصاف جي چيئرمين
بئرسٽر گوهر قومي اس??مبلي جي اس??يڪر کي ڳالهين لاءِ پ??هنجو ڪردار ادا
ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، بئرسٽر گوهر تحريڪ انصاف سان ڳالهين
جي آڇ تي زور ڀريو هو. وزيراعظم شه??از شريف قومي اس??مبلي جي اس??يڪر
جي تجويز مڃيندي حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفاد کي
مٿانهون رکيو ويندو، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، قومي اس??مبلي جي
اسپيڪر جي ڪوشش کي ساراهيان ٿو.