اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن وا??ي وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان کنيل قدم اهميت رکندڙ آهن ۽ ان سان مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ راه?? هموا?? ٿيندي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سان وروچوئل ميٽنگ ۾ ڪئي. ان موقعي تي ترجيحي شعبن لاءِ مالي معاونت جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود، ناڻي وا??ي و??ير کي ايسوسيئيشن طرفان جامع ۽ پائيدار مالياتي نظام جي قيام لاءِ مختلف منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن تجويز ڏن?? ته اليڪٽرانڪ ويئر هائوس، ريسيپٽ فنانسنگ، ايس ايم اِي انڊيڪس، ڪارپوريٽ فارمنگ فنانسنگ، فن ٽيڪ ڪمپنين لاءِ وينچر ڪيپيٽل فنڊ، زرعي ڪوآپريٽوز جي بحالي ۽ مالياتي ڊيٽا ايڪسچينج جي قيام جهڙا منصوبا مالياتي نظام ۾ ڊگهي مُدي وا??ي تبديلي آڻڻ لاءِ اهم ٿي سگهن ٿا. هن پنکن جي فنانسنگ، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فنانسنگ، ٽيوب ويلن جي سولرائزيشن ۽ ايس ايم ايز فنانسنگ لاءِ مارڪ اپ سبسڊي ۽ فرسٽ لاس ڪوريج جهڙن قدمن جي به تجويز ڏن?? جيڪي فوري طور اثر وِجهي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ناڻي وا??ي و??ير کي پي بي اي جي تجويز ڪيل مختلف منصوبن تي اڳڀرائيءَ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي بي اي طرفان پيش ڪيل ڪجهه تجويزون بلڪل وا??ح آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان جي عملدرآمد لاءِ ضروري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ تجويز ڏن?? ته اهڙيءَ طرح جي تجويزن تي عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل حصيدارن وچ ۾ خاص ڪري ٽيليڪام ۽ پاور ڪمپنين سان مشاورت کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ته جيئن زراعت ۽ ايس ايم ايز شعبن لاءِ ڊيٽا جمع ڪرڻ ۽ اسڪور ڪارڊ تيار ڪرڻ جي بنياد تي پائيدار فنانسنگ لاءِ قدم کڻي سگهجن. ناڻي وا??ي و??ير پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اهي قدم نه صرف اهم آهن پر ان ذريعي مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي راه?? هموا?? ٿيندي. هن زور ڀريو ته اهي قدم جيڪي مختصر وقت ۾ اثر وِجهي سگهن ٿا، انهن تي ترجيحي بنيادن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وقت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن انهن قدمن کي ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪري سگهجي ۽ ايندڙ سال جي شروعات تائين ان کي عملي طور شروع ڪري سگهجي.