اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو ۾ جاري گڏيل قومن جي ڪاپ-29 اجلاس ۾ سومر تي پاڪستان پويلين تي 6 تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه وزيراعظم جي موسمياتي تبديليءَ بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ٻُڌائي. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ واري وزارت پاڪستان جي موسمياتي خط??ن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، فضائي گدلاڻ، برقي گاڏين، نوجوانن جو موسمياتي خط??ن جي انتظام ۾ ڪ??دار ۽ موسمياتي سبز سيڙپڪاري تي پاڪستاني پويلين تي اڄ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هي تقريبون رومينه خورشيد عالم جي اڳواڻيءَ ۾ ترتيب ڏنيون پيون وڃن. مختلف ملڪن مان موسمياتي اڳواڻ، سياستدان، ميڊيا جا نمائن??ا، شاگرد ۽ محقق تقريبن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.