اسلام آباد _26 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سرينگر هاءِ وي ت?? رينجرز ۽ پوليس جي جوانن تي شر پسندن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ ملوث سمورن شر پسندن کي قانون جي پڪڙ ۾ ??ڻي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو . هن شهيدن جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي . گهرو وزير رينجرز ۽ پوليس جي زخمي جوانن جي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏني. هن چيو ته ر??نجرز جي شهيد جوانن کي قوم سلام پي?? ڪري ٿي. رينجرز جي شهيد جوانن فرضن جي ادائيگي دوران زندگيون قربان ڪيون . رينجرز جي شهيدن جي خاندان س??ن گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين.