اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ سنگاپور جي پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي ??سي?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم سنگاپور سان مضبوط اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل ??سي?? لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌر??ن مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اڀرندڙ عالمي چئلينجن جو جامع جواب تيار ڪرڻ جي لاءِ جامع علائقائي موقف جي ضرورت کي اجاگر ڪيو.