اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري انقره ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي هڪ عالمي چئلينج آهي، پاڪستان به دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو، پاڪستان اهڙي وحشي??ڻي ڪاررواين جي درد ۽ تڪليف کي سمجهي ٿو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ مو??ب صدر پنهنجي بيان ۾ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ت?? متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. صدر ??خمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگرد امن ۽ انسانيت جا دشمن آهن. صدر ??هشتگردي جي لعنت جي خاتمي ۽ سمورين قومن جي محفوظ مستقبل جي لاءِ عالمي برادري پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.