اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آ??ٽوبر تي اشڪ آباد دوري دوران ترڪمانستان جي قيادت سان ون آن ون ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين ڪرنگولي بردي محمدوف سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي اڳواڻن ملاقاتن دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ??لڪن جي اڳواڻن سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ ٻطرفا رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
صدر ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ گهرا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻنهي ??لڪن جا لاڳاپا تاريخ ۽ خطي ۾ ام?? ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري عالمي فورم ”??قت ۽ تهذيبن جو ??ڏيل تعلق – ام?? ۽ ترقي جو بنياد“ ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري تي آهي. فورم 11 آ??ٽوبر تي مخدوم گلي فراگي جي پيدائش جي 300هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو.