اسلام ??باد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ور??ي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عالمي آرٽ نمائشون قومن جي وچ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال ر??جي ساهيد جي پينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ثقافتي مٽاسٽا ۽ سوچ کي جنم ڏيندڙ فن پارن ۾ سريلنڪا جي متصورن معين ساهيد ۽ بلال ر??جي ساهيد جي ڪردار کي ساراهيو. هن معين ساهيد کي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي يادگار جي طور تي پاڪستان جي ڪنهن اهم تاريخي جڳهه تي هڪ پينٽنگ تيار ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. واضح رهي ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) تازو ئي عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ساهيد ۽ سندس پٽ بلال ر??جي ساهيد جي شاندار پينٽنگز نمائش جي پڄاڻي واري مرحلي جي ميزباني ڪئي. نمائش کي پاڪستاني عوام، آر?? جي شوقينن وسيع پئماني تي ساراهيو. معين ساهيد سريلنڪا جي قديم غارن ۽ جبلن تي لکيل ڪتبي جي موضوع تي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. پنهنجي تخليقن ۾ مشهور اپسرا پينٽنگز جي عنصرن کي شامل ڪري هن ڏسندڙن جي دلين کي گهرائين تائين ڇُهيو. معين ساهيد لاهور ميوزيم جي مستقل ڪولڪيشنز جي لاءِ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جنرل کي پنهنجي هڪ پينٽنگ پڻ ??يش ڪئي. بلال ر??جي ساهيد جيڪو لنڊن جي رائل ڪاليج آف آرٽ مان گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي سريلنڪن ثقافتي سوچ ۽ مشاهدن کي منعڪس ڪندڙ فن پارن جي سيريز پيش ڪئي. پنهنجي نمائشن کانسواءِ معين ساهيد ۽ بلال ر??جي ساهيد نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنجاب يونيورسٽي جي فنون لطيفه جي شعبي سميت ذڪر جوڳي ادارن ۾ ڪيترن ئي دلچسپ مباحثن جو پڻ اهتمام ڪيو. پي اين سي اي ۾ اها نمائش 20 آڪٽوبر 2024ع تائين جاري رهندي. ان دوران فنڪارن جي ڳالهه ٻولهه، سيشن ۽ ورڪشاپس پڻ ??نعقد ٿيندا.