اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري ڪيترا??ي دهشتگرد مارجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شهباز شري?? چيو ته خوارج جو پاڪ زمين تان مڪمل خاتمو اسان جي اولين ترجيح آه??. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نت??جي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون ق??بانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.