اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي سرڪاري دوري جي موقعي تي برطانيا جي نائب وزي??اع??م انجيلا ريز سا?? ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزي??اع??م محمد اسحاق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري تي برطانيا ۾ آهي، برطانيا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سا?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي ڏس ۾ پاڪستان برطانيا تعاون کي فروغ ??يڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته نائب وزي??اع??م سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن برطانيا جي نائب وزي??اع??م انجيلا ريز سا?? ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سا?? پڻ ملاقات ڪندو.