اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران ۾ بس حادثي ۾ پاڪستاني زائري?? جي شهادت تي انهن گهر??ات??ن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستاني زائرين ايرا?? جي شهر يزد ۾ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي هدايت تي زاهدان ۾ پاڪستا?? جي قونصلر کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته هو زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لا??ِ مقامي عملدارن سان به رابطو ڪندو ۽ ميتن کي پاڪستان واپس پهچائڻ جو انتظام ڪندو. فوت ٿيندڙن مان اڪثر سنڌ صوبي جا رهواسي آهن. بيان موجب پرڏيهي وزارت انهن ڪوششن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ميت?? جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لا??ِ پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ت??را?? ۾ پاڪستان جو سفير ۽ زاهدان جو قونصلر ت??را?? ۽ زاهدان ۾ ايراني عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن ميتن کي ڪڍڻ ۽ وطن واپسي ۾ تيزي آندي وڃي ۽ زخمي?? جي علاج ۾ سهولت فراهم ڪئي وڃي.