اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پنجاب ۾ هتڪ عزت قانون 2024ع صوبائي معاملو آهي، پنجاب جو حق آهي ته هو پنهنجو قانون منظور ڪري، ڊيجيٽل رائيٽس پر??ٽيڪشن اٿارٽي جي حوالي سان سمورين ڌرين سان مشاورت جي لا??ِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيد علي ظفر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ??را??يويٽ ميمبر ”دي پر??ٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پر??فيشنلز (ترميمي) بل 2022ع“ تي غور ٿيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته صحافين جي تحفظ جي بل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پارليامينٽ مان منظوري جي لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي لا??ِ انساني حقن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جرنلسٽس پر??ٽيڪشن ڪميشن انساني حقن واري وزارت تحت ڪم ڪري رهي آهي، ڪميشن کي پنهنجي وزارت تحت آڻڻ جي لا??ِ تيار آهيون، ان مقصد جي لا??ِ اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪافي فنڊز موجود آهن. هن چيو ته بل ۾ مئنيجرز ۽ سپروائيزر نوعيت جون نوڪريون نان جرنلسٽس ڪيٽيگري ۾ شمار ٿين ٿيون، اها ڪيٽيگري بلڪل جُدا آهي، انهن ٻنهي شين کي گڏائي قانون جي اندر پڙهيو ??ڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت دوران جڏهن پارليامينٽ تحليل ٿي ته هي بل به التوا هيٺ هو، انساني حقن واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي ته ان کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏني وڃي. هن چيو ته ڪميشن جي چيئرپرسن جي مقرري جي لا??ِ جيڪو به طريقيڪار آهي ان تي عمل ڪرڻ جي لا??ِ تيار آهيون، اهو ٻنهي وزارتن جي وچ ۾ معاملو آهي جنهن جي ڪري ان تي عملدرآمد ۾ دير ٿي. هن ڪميٽي کي گذارش ڪئي ته ان بل جي حوالي سان ٽائيم لا??ين جو تعين ڪيو ??ڃي جنهن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات واري وزارت جي ان تجويز جي تائيد ڪئي. ان کان اڳ ”دي پر??ٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پر??فيشنلز (ترميمي) بل 2022ع“ جي محرڪ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته بل جو مقصد صحافين، انهن جي خاندانن ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ آهي، بل ۾ صحافين کي تشدد ۽ ٻين سانحن ۾ فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لا??ِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پي ايف يو جي جي ميمبرن ڪميٽي کي ٻڌايو ته مختلف قانونن ۾ ”صحافين“ جي تعريف مختلف آهي ۽ ان کي سمورن قانونن ۾ هڪ جهڙو ڪرڻ گهرجي. بل ۾ صحافين جي ذريعن جي حفاظت جي لا??ِ پڻ شقون شامل آهن. ڪميٽي تفصيلي بحث کانپوءِ وڌيڪ غور فڪر جي لا??ِ بل ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب هتڪ عزت قانون 2024ع پڻ بحث هيٺ آيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته جن وٽ وسيلا هوندا آهن اهي ٻاهرئين ملڪ ??ڃي هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪندا آهن ۽ ان تي فيصلو به ٿي ويندو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ هتي چيني ڪمپنين تي ڪِڪ بيڪس جا الزام لڳا، ان حوالي سان هڪ ڪيس 6 سالن کان هلي رهيو آهي جيڪو اڃا تائين شروعاتي مرحلي کان اڳتي ناهي وڌي سگهيو، اهي حقيقتون پنهنجي جڳهه تي موجود آهن. هن چيو ته پنجاب حڪومت هڪ قانون پاس ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو پنجاب ۾ لاڳو هوندو. ان قانون کي هتي بحث هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي، ائين ته پوءِ ڪو به فورم ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پنجاب جو حق آهي ته هو پنهنجو قانون منظور ڪري، آئين ۽ قانون تحت اسان پنجاب جي قانون کي هتي بحث هيٺ نٿا آڻي سگهون. هن چيو ته توهان وفاق جي حوالي سان ڳالهه ڪريو، ان تي اسان پوري ذميواري سان ڳالهه ڪرڻ جي لا??ِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس پر??ٽيڪشن اٿارٽي جي حوالي سان بل آيو جنهن کي ڌرين سان مشاورت جي لا??ِ ملتوي ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي. هن چيو ته ”ايڪس“ پليٽ فارم تي هر قسم جو مواد موجود آهي، ڊجيٽل ڊومين جي اندر ڪرائيم ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪڏهن ڪنهن پوسٽ جي ڪري ڪنهن کي ڪو نقصان پهچي ته ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پنجاب هتڪ عزت قانون تي بحث دوران ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر عرفان صديقي چيو ته صوبائي حڪومتن پاران منظور ڪيل قانونن تي نظرثاني جو حق نه آهي ڇو ته 18 هين ترميم کانپوءِ اهو معاملو صوبائي حڪومتن جي دائري ۾ اچي ٿو. سينيٽر سيد علي ظفر چيو ته ان ايجنڊا جو بنيادي مقصد سڄي دنيا ۾ لاڳو هتڪ عزت قانونن جو تقابلي جائزو وٺڻ آهي. هن زور ڏنو ته قانون جو مقصد بنيادي حقن ۽ آزادين ۾ توازن قائم ڪرڻ هجڻ گهرجي نه وري هڪ کي ٻئي جي قيمت تي ڪمزور ڪرڻ گهرجي. ڪميٽي معاشري ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي هتڪ عزت قانونن جي اثرن بابت بحث جي لا??ِ خصوصي اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کانسواءِ سينيٽر عرفان الحق صديقي، سينيٽر پر??يز رشيد، سينيٽر سرمد علي، سينيٽر عون عباس، سينيٽر محمد طلال بدر، سينيٽر عبدالشڪور خان، سينيٽر جان محمد، سينيٽر اشرف علي جتوئي، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر زرقا سهروردي تيمور، سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري عنبرين جان، پر??سپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ مختلف ادارن جا ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.