اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير م??سن نقوي سان مجلس وحدت المسلمين جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ ڪرم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ڪرم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوس??اڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. م??سن نقوي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گ??وپ?? وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پ??هنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ڪرم جي ٻنهي گ??وپ?? جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ۾ منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻيا شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.