اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف غ??رم??مولي برساتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ??ارن علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍڻ ۽ پاڻي جي نيڪالي يقيني بڻائڻ، طبي عملي، دوائن ۽ وقت سر علاج، ويڪسين جي فراهم?? کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر ??ئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم ا?? کي چئني صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ۽ گلگت بلتستان حڪومت جي مدد جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد جي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻ?? کي ڪڍڻ، شهرين جي سهولت لاءِ قدم ۽ صورتحال جي مسلسل مانيٽرنگ ڪئي وڃي. ادارا گڏيل عمل سان قدمن کي يقيني بڻائين. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ ??ارن علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍڻ، پاڻ?? کي ڪڍڻ کي يقيني بڻائڻ، طبي عملي، دوائون ۽ وقت سر علاج، ويڪسين کي فراهم?? کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم واٽر ??مپس ۽ ٻي مشينري جي فراهم?? کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.