اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اي سي او جي ??يڪريٽري جنرل خسرو نوزيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب اي سي او جي ??هدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او جي ق??من ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ پنهنجي ??ور ۾ اي سي او کي بحال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ??ڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. نائب وزيراعظم تنظيم جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ??دمتن کي ساراهيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن ۽ اي سي او جي ??ڌاراجاتي ايجنڊا جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان جي ??ڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي ??گسٽ ۾ اي سي او جي ??يڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڊاڪٽر اسد مجيد خان پنهنجي ٽن سالن جي ??ور ۾ خسرو نوزيري جي ??ٺي ڪم کي جاري رکندو.