راولپنڊي -03 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 03 ڪا??رواين ۾ 06 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري تفصيلن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي بابت ڪا??روائي دوران 6 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پهرين ڪا??روائي ڄامشورو بس اڏي ويجهو جوابدار وٽان 03 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ٻي ڪا??روائي ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڪئي وئي جتان 03 جوابدارن کي گرفتار ڪري 02 ڪلوگرام چرس جڏهن ته ٽئين ڪا??روائي مانوالا اسٽاپ لاهور جي ويجهو ڪئي وئي جتي هڪ عورت وٽان هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو يوي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.