تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ا??را?? جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ا??را?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان م??حوم ا??را??ي صدر ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ا??را?? جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران وزيراعظم صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ا??را?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪ – ا??را?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان م??حوم ا??را??ي صدر جي ويزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ا??را??ي ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀائر ملڪ ا??را?? جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي محصور عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لک??ون وينديون. ا??را??ي سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن م??ڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل جذبن جي اظهار کي محسوس ڪر??ون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏ??ون ٿا ۽ اسان پاڪ – ا??را?? لاڳاپن جي حوالي سان م??حوم ا??را??ي صدر رئيسي جي ويزن کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم ا??را??ي سپريم ليڊر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزي?? عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.