اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊا??ر ??ال??اني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ خصوصي اهميت وارن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي شعبي ۾ پاڪستان پاران گڏيل تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو بهترين گڏيل لاڳاپن سان هم آهنگ نه آهي. وزيراعظم ايندڙ ٽن ??ال?? ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي 5 ارب ڊا??ر ??ال??اني جي سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي ترڪ ڪمپنين کي ??اڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته اسان ترڪ ڪمپنين کي ??اڪستان ۾ پنهنجي صنعتن کي ??نتقل ڪرڻ جي لاءِ دعوت ڏئي رهيا آهيون. عالمي ۽ علائقائي حالتن خاص طور تي غزه ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ملاقات ۾ ??ال??ه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ غزه ۾ مڪمل جنگبندي جي حمايت کي ??ڻ ساراهيو. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ مستقل امن جي لاءِ ٻه رياستي حل جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي ??اڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم ترڪ صدر کي ??ائي ليول اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل صدارت جي دعوت جو پيغام پڻ ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي قومي دلچسپي جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.