بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناڻي واري وزير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري وزير پاڪ چين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص طور ت?? پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري وزير پاڪستان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪند?? پاڪستان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چين ج?? پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪار??با?? ڪرڻ ۾ آساني ت?? پاڪستان حڪ??مت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چين مان سيڙپڪاري ک?? پاڪستان جي ترجيح طور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شعبا شامل آهن.