اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ا?? موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال ۽ بلوچستان جي مختلف ترقياتي منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت ج?? اولين ترجيحن ۾ شامل آ??ي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ملاقات ۾ قو??ي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني ۽ نور عالم خان پڻ موجود هئا.