اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀ??رت?? سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏ??و آهي جنه?? ۾ ??ارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت باب?? 11 ??سمبر 2023ع جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواستن کي رد ڪيو و??و آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀ??رت?? سپريم ڪورٽ جي تازي حڪم کي اهڙي طرح رد ڪريون ٿا جهڙي طرح اسان 11 ڊسمبر 2023ع جي ان جي حڪم کي رد ڪيو هو. هن چيو ته ٻئي فيصلا ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري نوعيت کي تسليم ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ترجمان چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو ختم نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي جيئن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت کي ڪشمير تڪرار جي ٻين ڌرين يعني ڪشميري عوام ۽ پاڪستان جي مرضي جي خلاف تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفي فيصلي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي ۽ نه ئي ڀارت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي بهاني پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين کان دستبردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀ??رت?? سپريم ڪورٽ جا فيصلا يا حڪم والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي نه ٿا سگهن. ڀ??رت?? سپريم ڪورٽ اهو فيصلو پهرين مئي تي ڪ??و آهي جيڪو 21 مئي 2023ع تي جاري ڪيو ويو.