اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) سعودي جي سيڙپڪاري واري نائب وزير ابراهيم المبارڪ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي ترقي ۾ ٻه طرفو تعاون اهميت رکي ٿو، پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا، سعودي عر?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ماهرن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن پاڪستان سعودي عر?? انويسٽمينٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. سعودي سيڙپڪاري وارو نائب وزير جيڪو 50 رڪني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي وفد جي اڳواڻي ڪندي پاڪستان جي 3 ڏينهن جي دوري تي آهي. پاڪستان سعودي عر?? انويستمينٽ فورم 2024ع ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. هن چيو ته هن وقت سعودي عر?? ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڊاڪٽرز، انجنيئرز، پروفيسرز ۽ ماهر پيشيور ماڻهو سعودي عر?? جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. هن چيو ته سعودي ڪ??پن??ون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن، سعودي معاون وزير ابراهيم المبارڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جي اڪثريت سعودي عر?? جي ويزن 2030ع تي تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ سعودي ڪ??پن??ون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي. سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪندا. پاڪستان سعودي عر?? انويسٽمينٽ فورم 2024ع کي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، واپار واري وزير ڄام ڪمال خان ۽ پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ ۽ ٻين به خطاب ڪيو.