اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گلگت ??لت??تان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت ??لت??تان جي وڏي وزير گلبر خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت ??لت??تان ۾ تعليم، صحت ۽ سياحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس کي گلگت ??لت??تان ۾ وفاقي حڪومت پاران عطا آباد ۽ هارپو ۾ پن بجلي جي ٻن منصوبن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن منصوبن جي تڪميل سان گلگت ??لت??تان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نلتر ايڪسپريس وي جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي جيڪو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم گلگت ??لت??تان ۾ سياحت جي ترقي ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم گلگت ??لت??تان کي درپيش مسئلن جي حل جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي هدايت ڪئي ته ڪميٽي گلگت ??لت??تان کي درپيش سمورن مسئلن تي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري، گلگت ??لت??تان جي ماڻهن جي ترقي، انهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ غريب ۽ لاچار خاندانن سان تعلق رکندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ دانش اسڪول قائم ڪري رهيا آهيون. دانش اسڪول ٻارن ک?? عالمي معيار جي اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ رهائش جي سهولت پڻ فراهم ڪندا. وزيراعظم هداي ڪئي ته گلگت ??لت??تان ۾ سياحت جي وسيع ??لاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سفارشون جوڙي پيش ڪيون وڃن ۽ گلگت ??لت??تان جي ٽنهي ڊويزنن ۾ دانش اسڪول تعمير ڪيا وڃن. وزيراعظم گلگت ??لت??تان ۾ عطا آباد ۽ هارپو پن بجلي منصوبي جي تڪميل تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ شمسي توانائي جي منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پيش ڪئي وڃي.