اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن پنهنجي ميمبر شپ جو حلف کڻي ورتو. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي پهرين اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف نون چونڊيل ميمبرن کان حلف کڻايو جنهن بعد هن رول آف ميمبرز تي صحيح ڪئي. حلف کڻندڙ اهم اڳواڻن ۾ ميان محمد نواز شريف، محمد ش??با?? شريف،آصف علي زرداري،بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ،سر??ار اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي، بئريسٽر گوهر علي خان گوهر ، عمر ايوب خان، طارق بشير چيمه، چوڌري سالڪ حسين، خالد مگسي??خو??جا محمد آصف،سر??ار اياز صديق،سيد خورشيداحمد شاهه، عامر ڊوگر، رياض پيرزاده ۽ ٻيا شامل آهن.