اسلام آباد_11 فيبروري(اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مان پاڪستان جي عوام کي مبا??ڪ پيش ڪيان ٿو خاص طور تي عورتن کي جن شديد ڏکيائين باوجود جمهوريت جي مضبوطي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري پنه??جو ووٽ جو حق اس??عم??ل ڪيو،هن چيو ته نوجوان پڻ تعريف جا مستحق آهن جن ووٽنگ جي عمل ۾ پر امن طريقي سان حصو ورتو. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته شديد مالي بحران مان نڪرڻ ،ڏکيا فيصلا ڪرڻ ۽ ماضي جي رنجشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ حقيقي مينڊيٽ ضروري هو جيڪو نظر اچي رهيو آهي.اسان کي ان جوش جذبي تي جشن ملهائ?? گهرجي ۽ دنيا کي پاڪستان جو خوبصورت چهرو ڏيکار?? گهرجي، هن چيو ته شاندار مستقبل تي اسان جو اعتماد مضبوط ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مرضي جو اظهار ڪيو آهي، شهرين کي ان عظيم منڊيٽ جو احترام ڪر?? گهرجي ۽ ان کي مڃ?? گهرجي. صدر عارف علوي دعوت ڏيندي چيو ته اچو سڀ گڏجي نئين سر تعيمر جو ڪم شروع ڪيو دنيا توهان جي منتظر آهي.