اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??ران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون و??ون آهن، پارليامينٽ مان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي عملدرآمد بابت حڪمت عملي ملڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق جي رٿ تي بحث سهيڙيندي ن??ران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 230 (4) تحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون و??ون آهن، انهن رپورٽن جا تفصيل اڳ ۾ ئي ايوانن ۾ موجود آهن، حڪومت پاران اها ذميواري پوري ڪئي وئي آهي. هن چ??و ته حڪومت کي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽس تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي هدايتون ناهن مليون، ان ڳالهه جي خاطري ڪائي وڃي ٿي ته پارليامينٽ پاران جڏهن به ڪا حڪمت عملي ملندي، حڪومت رولز آف بزنس 1973ع موجب ان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرائيندي.