اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) 2024ع جي عام چونڊن جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين ??ي سهولت لاءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن س??نٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سمورين ??روري سهولتن جي فراهمي ۽ چونڊ عمل دوران قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي آءِ ڊي ۾ سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پريس انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريب کي خطاب ڪندي ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن س??نٽر ۾ صحافين کي هر ممڪن س??ولت فراهم ڪئي ويندي، چونڊن دوران معلومات جي فراهمي جي حوالي سان هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته هن س??نٽر ۾صحافين ??ي لاءِ سمورين س??ولتن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته سڄي ملڪ ۾ موجود پي آءِ ڊي جي آفيسن ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن س??نٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته صحافين کي عام چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ 4763 اي??ري??يٽيشن ڪارڊز جاري ڪيا ويا آهن، اسلام آباد ۾ 1219، لاهور ۾ 776، ڪراچي ۾ 878، پشاور ۾ 363، ڪوئيٽا ۾ 167، حيدرآباد ۾ 132، فيصل آباد ۾ 482 ۽ ملتان ۾ 746 اي??ري??يٽيشن ڪارڊز جاري ڪيا ويا آهن. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن س??نٽر ۾ صحافين کي ٽرانسپورٽ جي سهولت پڻ ڏني ويندي. هن چيو ته انهن مرڪزن ۾ 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو، هيڊڪوارٽرز ۾ قائم ميڊيا سينٽر پي آءِ ڊي جي ٻين ??لائقائي آفيسن سان به ڳنڍيل هوندو. هن چيو ته ميڊيا سينٽرز ۾ تربيت يافته مددگار عملو 24 ڪلاڪ موجود هوندو جڏهن ته ميڊيا سينٽرز ۾ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپ، ٽيليفون، ايل ايل ڊيز، ايس ايم ڊيز ۽ ميگا اسڪرينز جي سهولت پڻ موجود آهي. ان موقعي تي پشاور، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا جي ڊي جي پي آرز پڻ پنهنجي پنهنجي ريجنز ۾ قائم ڪيل فيسلي ٽيشن س??نٽرز بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو.