اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پنهنجي نمائندن جي چونڊ ع??ام جو حق آهي، اسان ع??ام سان گڏبيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو ع??ام ڪندي، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون ٿي رهيون آهن، چونڊن جي مرحلي تائين پهچندي ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اس??ن جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو، پاڪست??ن جي ع??ام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ??ن جمهوري عمل کان نه ٿو هٽائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??يس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي انتظام هيٺ اليڪشن 2024ع جي ڪوريج جي لاءِ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي خدشا هئا، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته گذريل سال منهنجي پهرين پ??يس ڪانفرنس ۾ مون کان پهريون سوال ئي چونڊن بابت ڪيو ويو هو، ان وقت به اهو ئي چيو هو ته هي ملڪ آئيني جمهوريت تحت قائم آهي، آئيني وفاقي پارلياماني نظام اس??ن جي سياسي نظام جو بنياد آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخي ڏيندي، ان تحت ئي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته جڏهن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته اسان مستقل مزاجي سان 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي موقف تي قائم رهياسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سڀاڻي صبح جو پولنگ شروع ٿيندي ۽ رات جو چونڊن جي غيرسرڪاري نتيجن جو اعلان شروع ٿي ويندو جڏهن ته حتمي ۽ سرڪاري نتيجا اليڪشن ڪميشن آف پاڪست??ن جاري ڪندي. نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي مرحلي تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اس??ن جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو. نگران وفاقي وزير چيو ته لاڳاپيل ادارا تصديق ٿيل خبرون ع??ام تائين پهچائيندا. هن چيو ته سيڪيورٽي جي مسئلن کي پهريون ڀيرو منهن نه ڏئي رهيا آهيون، پاڪست??ن جي ع??ام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ??ن جمهوري عمل کان هٽائي نه سگهندو. هن چيو ته 2008ع ۽ 2013ع ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ڪنهن طور به اس??ن جي سيڪيورٽي فورسز ۽ ع??ام جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ميڊيا ڪوآرڊينيشن ايينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن جتي صحافين جي ضرورتن جو خيال رکيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا ع??ام جي ڄاڻڻ جي حق ج?? لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان هر طرح سان انهن جي مدد ڪندسين. هن چيو ته چونڊن ۾ هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن، ع??ام جو حق آهي ته اهي پنهنجا نمائندا چونڊين، اسان ع??ام سان گڏ بيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو پاڪست??ن جي ع??ام کي ڪرڻو آهي.