واشنگٽن- 30 جنوري (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي را??طن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، نيويارڪ ۾ منعقد ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2024ع دوران پاڪستان ۾ قدرتي حسن، ثقافت ۽ تاريخ رکندڙ پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري کي متاثر ڪيو آهي، ان سان نه رڳو صرف سياحت جي صنعت پر ملڪ جو بهترين اميج اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت ب??تستان جي منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير راجا ناصر علي خان سان واشگنٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات دوران ڪيو. پاڪستاني سفير گلگت ب??تستان جي رٿ??بندي واري وزير کي ڪامياب شو منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون جيڪو ملڪي سياحت جي صلاحيت کي وڌيڪ اجاگر ڪندو. گلگت ب??تستان جي رٿ??بندي واري وزير ملڪي سياحتي صلاحيت کي عالمي پليٽ فارم تي ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان ڀرپور تعاون تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي سياحت ۾ آمريڪي شهرين جي دلچسپي تي ڳالهائيندي چيو ته گلگت ب??تستان ايندڙ پرڏيهي سياحن ۾ آمريڪي شهري ٻئي نمبر تي آهن، پاڪستاني سفير گلگت ب??تستان ۾ تعليم جي شعبي لاءِ ع??لمي تعاون خاص طور تي ڊائينامڪ آرٿر جي ڪردار ۽ خدمتن کي اجاگر ڪيو جنهن گلگت ب??تستان جي وادي هنزه جي ڳوٺ مرتضيٰ آباد ۾ سينٽر فار ايجوڪيشن ايڪسيلينس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستاني سفير تعليم جي شعبي ۾ آمريڪي حڪوم??، سول سوسائٽي، سرندي وارن ماڻهن ۽ پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين جي حمايت کي ساراهيندي چيو ته تعليم جي شعبي ۾ تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو اهم حصو آهي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت نوجوانن کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ، کين پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي معاشري جو هڪ قيمتي اثاثو بڻائڻ جي حوالي سان آمريڪي تعاون کي ساراهي ٿي.