اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض عملدارن پاران منظم طريقي ??ي ڪش??ير??ن کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آه??. ه?? چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرج??. ه?? چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل??رآ??د جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪش??ير?? ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.