اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين ج?? بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ??امن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن م??اه??ن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو ??ضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته چين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ م??اه??ن تي صحيحون ٿيون انهن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن م??اه??ن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ نئين باب جو ??ضافو ٿيندو. چين ج?? بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ??امن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني سفير نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.