باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ج??لاني ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجلاس ج?? موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي لاءِ ڪوششون جا??ي رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن رخن جو جا??زو ورتو ۽ سمورن بنيادي مسئلن تي ثابت قدم حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن وا??ار?? سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، ثقافت، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.