اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو ا??هار ڪندي چيو ته ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي جي خب?? ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو ا??اثو هو. هن چيو ته مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين سلهاڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.