لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطانيا جي ناليواري واپاري ۽ بوهو گروپ جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو چيئرمين عبدالله ڪماني لنڊن ۾ ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??لا??ات دوران عبدالله ڪماني پاڪستان سان ڊگهي مدي وا??ا واپاري لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ ۾ ڪپهه مان ڪپڙي جي پيداوار تائين جي هڪ جامع سپلائي چين ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان مان وڌندڙ درآمدات کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيا جي فضائي رابطن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کان آگاهه ڪيو ۽ ملڪ ۾ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز جي اندر مينوفيڪچرنگ سهولتون قائم ڪرڻ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي. نگران وزيراعظم بوهو گروپ کي پاڪستان سان تعاون وڌائڻ جي لاءِ گروپ جو وفد پاڪستان موڪلڻ جي دعوت ڏني. ??لا??ات کي پاڪستان ۽ بوهو گروپ جي وچ ۾ اقتصدي تعاون ۽ واپار کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم قر??ر ڏنو ويو. بوهو گروپ برطانيا جو ناليوارو آن لائين فيشن ريٽيلر گروپ آهي جنهن جي سالياني سيل هڪ ارب پائونڊ کان وڌيڪ آهي، ان جي مقبول برانڊز ۾ بوهو مين، پريٽي لٽل ٿنگ، مس پاپ، ڪيرن ملن، ڪوسٽ، اوسس ۽ ڊيبن هيمس شامل آهن.