اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قد??ن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد عل?? سنڌي سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ??اڪٽر عارف عل??ي چيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قد??ن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تعليم تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي، آن لائين تعليم ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين تعليم پهچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر ??يو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ۽ تربيت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته ملڪ ۾ معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قد?? کڻڻا پو??دا. هن چيو ته يونيور??ٽي??ن مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي هنر سان ليس ڪن. ڊاڪٽر عارف عل??ي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيور??ٽي?? ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قد?? کڻڻ گهرجن، يونيور??ٽي??ن آن لائين تعيلم ۽ مختلف شفٽن جي مدد سان وڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهن ٿيون، يونيور??ٽي??ن 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن لائين تعليم ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر ??يو ته ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامز جي مدد سان اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته يونيور??ٽي?? ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، يونيور??ٽي??ن مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران وفاقي اردو يونيورسٽي سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.