لنڊن – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته 2030ع تائين وڌيڪ پائيدار، پرامن، خوشحال ۽ منصفاڻي دولت مشترڪه جي ??نزل حاصل ڪري سگهجي ??و، دولت مشترڪه جي سمورن ميمبر ملڪن نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ، ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي بابت بيداري وڌائڻ جي ??اءِ اهم قدم کنيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز جي اجلاس جي باضابطا افتتاح کانپوءِ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب هن چيو ته مون کي ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي صدارت جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هي ملاقات اهم آهي ڇو ته 2017ع کان يوٿ منسٽرز جي ??لاقات ناهي ٿي ۽ ان وقت کان دنيا ۾ تمام گهڻو ڪجهه ٿيو آهي. هن چيو ته هن اجلاس ۾ اسان کي غور، حصيداري ۽ اڳتي وڌڻ جي رستي تي اتفاق ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته اسان ت?? ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اسان ڪيگالي ۾ پنهنجي آخري اجلاس ۾ ڏنل مينڊيٽ جو احترام ڪريون، يقين آهي ته هن سال کي نوجوانن جي ??يادت ۾ ترقي جي ??اءِ وقف ڪرڻ جي ??اءِ قائدين جو ويزن وقتائتو آهي. هن چيو ته اسان هڪ ”ينگ ڪامن ويلٿ“ ۾ رهون ٿا، پاڪستان جي اٽڪل 70 سيڪڙو شهري 30 سالن کان گهٽ عمر جا آهن، جيڪڏهن اسان پنهنجي ??وجوانن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي ??ابل ٿي وڃون ٿا، انهن جي خيالن ۽ تجويزن کي ٻڌون ٿا ۽ انهن جي ڪامياب ٿيڻ جي ??اءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ڪريون ٿا، ته مون کي يقين آهي ته 2030ع تائين وڌيڪ پائيدار، پرامن، خوشحال ۽ منصفاڻي دولت مشترڪه جو رستو حاصل ڪري سگهجي ??و. نگران پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي حڪومت ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ جي ??يم جي سفارش ڪئي جيڪا ڪامن ويلٿ فيملي جي گڏيل خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪري ٿو ته اها نوجوانن جي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ ان کي فروغ ڏين، خاص طور تي نوجوانن جي روزگار ۽ انٽرپرينيورشپ جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ذريعي ان ڳالهه کي تسليم ڪندي ته دولت مشترڪه جي ??ستقبل جي ڪاميابي ان ت?? منحصر آهي. هن چيو ته دولت مشترڪه جي سمورن ميمبر ملڪن نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ، ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي بابت بيداري وڌائڻ جي ??اءِ اهم قدم کنيا آهن. جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان جي ??وقف سان پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام حڪومت جو هڪ اهم پروگرام آهي جيڪو پٺتي پيل نوجوانن خاص طور تي ڇوڪرين، مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ان ڏس ۾ اهم قدم کنيا آهن، غيرملڪي منڊين جي طلب کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ خصوصي ڌيان ڏيڻ سان اٽڪل چار لک نوجوانن کي هائي ٽيڪ مهارتن ۽ روايتي واپار بابت مفت تربيت ڏني وئي، ان کانسواءِ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي ??اءِ هڪ قومي جدت ايوارڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو ته جيئن اهي اڄ جي سڀ کان اهم چئلينجن جي ??اءِ جديد ۽ آئوٽ آف باڪس حل ڳولين. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ قائم اٽڪل 137 گرين ڪلبن جي ذريعي ماحولياتي تحفظ جي ??اءِ گرين يوٿ موومينٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي، نيشنل يوٿ ڪائونسل جهڙن قدمن ذريعي بامعنيٰ پاليسي سازي ۾ نوجوانن کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ت?? هڪ ڊيجيٽل يوٿ هب تيار ڪيو آهي جيڪو نوڪرين جي ??وقعن کي محفوظ بڻائڻ جي ??اءِ هڪ آن لائين پورٽل فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ اسان ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين ت?? دولت مشترڪه جي ??يمبر ملڪن جي حيثيت سان اسان ڪهڙي طرح مضبوط پاليسين ۽ پروگرامن کي لاڳو ڪري سگهون ٿا جيڪي پائيدار ترقي جي ??دفن ۾ طئي ٿيل هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي ??دد ڪندا. هن اجلاس جي ??اءِ اسان پنهنجي غور جي ??اءِ چار ذيلي موضوعن جي ??شاندهي ڪئي آهي جن ۾ انگيجمنٽ، تعليم، روزگار ۽ ماحوليات شامل آهن ڇو ته اهي اسٽريٽجڪ شعبن جي ??مائندگي ڪن ٿا جيڪي قومي ترقي جي ??اءِ اهم آهن. هن چيو ته اچو اسان هڪ مضبوط معنيٰ خيز عمل جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪريون جيڪو ڪامن ويلٿ پروگرام جي ايندڙ 50 سالن جي ??ضاحت ڪندو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي ??يادت ڪري رهيو آهي. وزارتي اجلاس 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جنهن جي ??يم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي. پاڪستان اجلاس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.