اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر يورپي يونين جي ملڪن ۾ پاڪستان ??ي سفيرن سان پاڪستان ??ان يورپي يونين جي ملڪن ۾ انساني وسيلن جي ايڪسپورٽ جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستانيز اينڊ هيومن ري??ورس واري وزارت، اوورسيز ايمپلائمنٽ ڪارپوريشن، نيوٽيڪ، نمل ۽ پاڪستان ??افٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مائيگريشن، موبيلٽي ۽ انساني وسيلن جي برآمد بابت مختلف قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.