اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي مختصر دوري تي روانو ٿي ويو آ??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ?? سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪندو. مريم اورنگزي?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ سعيد بن زايد النهيان کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.