اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورا مڃيندي چي?? آهي ته سعودي عرب جي م??د سان ??اڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام پاران ??و اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جو ٿورائت?? آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ مالياتي مدد يقيني بڻائڻ تي آئُون خاص طور تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جو ٿورائت?? آهيان. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ان ????د سان ??اڪستان جا پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ??عاونت جي فراهمي ??ان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ا??ان پاڪستاني معيشت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي پرعزم آهيون. وزيراعظم ان ڏس ۾ ناڻي وار?? وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جا به ٿورا مڃيا ۽ انهن جي ڪردار کي به ساراهي?? آهي.