اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد ش??باز شريف اڄ اڱاري ڏينهن پش??ور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم پش??ور ۾ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو، اها يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي ع??ن موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم پش??ور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.