مڪه مڪرمه -26 جون (اي پي پي) حج جو ر??ن اعظم وقوف عرفه اڄ اڱاري تي ادا ??يو ويندو. سڄي دنيا مان حج جي ??رض جي ادائگي لاءِ ڀلي پار پهتل حاجي عرفات جي ميدان ۾ حج جي سعدات حاصل ڪندا. سعودي حڪومت الله ??اڪ جي مهمانن جي ميزباني ۽ آساني لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. حج جو ر??ن اعظم وقفوه عرفه اج اڱاري تي ٿيندو. منيٰ مزدلفه ۽ عرفات جي ميدانن ۾ حج جي رڪنن جي ادائگي لاءِ شاندار انتظام ڪيا ويا آهن. هر هنڌ حاجين جي رهنمائي لاءِ سعودي حڪومت طرفان فوج، پوليس ۽ رضاڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي 40 هزار ڪمانڊر، هڪ لک 25 هزار اهلڪار، 40 هزار ٽريفڪ پوليس جو عملو، سعودي عرب جي حج واري وزارت جا 95 هزار ملازم، شهري دفاع جا 17 هزار، حرمين ڪميٽي جا 10 هزار اهلڪار ۽ سعودي عرب جي يونيورسٽين جا 25 هزار شاگرد به حج جي خدمتن لاءِ شامل هوندا. ڊرون جهازن سميت هيليڪاپٽرن ذريعي به حج جي رڪنن جي ادائگي جي موقعي تي خاص نگراني جو اهتمام ڪيو ويو آهي. 160 کان وڌيڪ ملڪن جا اٽڪل 30 لک حج پانڌيئڙا اڄ اڱاري تي فجر جي نماز جي فورن بعد حج جي ??رض جي ادائگي لاءِ عرفات جي ميدان پهچندا. عرفات جي ميدان ۾ مسجد ن??ره ۾ حج جو خطبو ٿيندو ۽ سمورا حاجي سڳورا ظهر ۽ عصر جي نماز گڏ ادا ??ندا. عصر ۽ مغرب وچ ۾ وقوف ٿيندو جنهن ۾ حاجي سڳورا الله جي حضور ٻاڏائي دعائون گهرندا. مغرب جي نماز کان اڳ عرفات جي ميدان کي ڇڏڻ جو حڪم آهي. حاجي سڳورا عرفات جي ميدان مان مزدلفه لاءِ روانا ٿيندا، اتي پهچي مغرب ۽ عشا جي نماز گڏ ادا ??ندا ۽ شيطان کي پٿريون لڳائيندا. رات مزدلفه ۾ کليل آسمان هيٺ ترسڻ بعد فجر جي نماز جي ادائگي بعد منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ واپس ايندا جتان شيطان کي پهرين ڏينهن پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس روانا ٿيندا. شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ ايندا جتي قرباني بعد وار ڪترائي احرام کوليندا. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به شيطان کي پٿريون هڻڻ لاءِ جمرات ڪامپليڪس ويندا ۽ ٽئين ڏينهن به شيطان کي پٿريون لڳائي مڪي ??اڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهن ڏانهن واپس ايندا. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ حج جو لازمي رڪن آهي. منيٰ ۾ 3 ڏينهن ترسڻ دوران حاجين کي ڪنهن به وقت مڪي ??اڪ ۾ طواف جي زيارت لاءِ وڃڻ به حج جو لازمي رڪن آهي.