پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ انهن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن نئين عالمي مالياتي معاهدي جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وز??را??ظم ڪوپ – 27 جي شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ لاس اينڊ ڊيميج فن?? کي اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته شرم الشيخ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي عزم سان عالمي سطح تي هڪ اهم اڳڀرائي جو بنياد رک??و آهي، شرم الشيخ ۾ جنهن سياسي عزم جو اظهار ڪيو ويو، اهو ترتيبوار اڳتي وڌي ره??و آهي. ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.