اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پا??ستان ڀارت جي غيرقانوني قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته پا??ستان علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته پا??ستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. تازن ڏينهن ۾ ڀارتي ق??بض فورس راجوڙي، ڪپواڙه ۽ بارهه مولا جي ضلعن ۾ 6 ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪيو. جڏهن ته راجوڙي ۽ پونڇ ضلعن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون. ان دوران مقامي آبادي کي خوفزدهه ڪيو ويو. ترجمان چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني قبص?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگڙي جا 6 دڪان ضبط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت جي غيرقانوني قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چي?? ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن.