اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بر??فنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اء?? پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي. هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي ط???? 27 ??مضان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اء?? پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.