اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي ??هي ته قرآن پاڪ جي تعظيم کي ??ختي سان ممڪن بڻايو وڃي، قرآن حڪيم جي ڪنهن نسخي يا اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي جي سزا عمر قي?? آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پبليڪيشنز کي لکيل خط ۾ چيو ??هي ته اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانپوءِ قرآني آيتن ۽ انهن جي ترجمن جي بي حرمتي ٿئي ٿي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه ??هي ۽ اهو عمل قرآن مجيد جي بي حرمتي بابت ڏوهن بابت موجود قانونن جي خلاف ورزي به آهي. پاڪستان پينل ڪوڊ 295 پي ڪي شق XV جو حوالو ڏيندي خط ۾ چيو ويو ??هي ته قرآن پاڪ جي نسخي يا ان جي ڪنهن به اقتباس جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪرڻ يا ان کي ڪنهن توهين آميز طريقي يا ڪنهن غيرقانوني مقصد جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه ??هي جنهن جي سزا عمر قي?? آهي. اطلاعات واري وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ??رخواست ڪئي ??هي ته اخبارن ۽ رسالن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث نبوي ﷺجي حرمت، مقدس هستين جي اسمن ۽ مقدس جاين جي تصويرن جي تحفظ جي حوالي سان رهنما اصولي جاري ڪيا وڃن جنهن جي جواب ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جيڪو هڪ آئيني اداري هجڻ سان گڏ حڪومت ۽ پارليامينٽ کي ??سلامي مسئلن تي قانوني مشورو ڏيڻ جو ذميوار ادارو آهي، دليل ڏني ??هي ته اشتهارن ۾ قرآني آيتن ۽ مقدس نالن کي ??ايع ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه ??هي ڇو ته ان جو مقصد عوام تائين معلومات کي پهچائڻ آهي. اسلامي نظرياتي حڪومت تي زور ڏنو ته اها اخبارن ۽ اشتهارن ۾ شايع ٿيندڙ مقدس مواد جي تعظيم کي يقيني بڻائي ۽ عوام کي ??گاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي، ان ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن سان اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن ميڊيا نمائندن کي ??ن حوالي سان آگاهه ڪري سگهجي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رهنما اصولن کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت سمورين اخبارن ۽ رسالن کي هدايت ڪئي ??هي ته اهي اخبارن ۽ رسالن ۾ مقدس صحيفن ۽ مقدس مواد جي تحفظ ۽ احترام کي يقيني بڻائين.