اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگرد?? جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي جو سخت نوٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم دهشتگرد?? جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان کي دهشتگرد?? جي خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ وفاقي حڪومت ??ار??ن مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري رياستي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پو??ي قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ?? جي صحتيابي جي دعا ڪئي.