اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي م??حو?? جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آه??، حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يانسي سپرول جي قيادت ۾ آءِ ٽي ڪمپني ڊيجيٽل اوشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي ويزن جو محور ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ٽيڪنالاجي جي تر??ي ۽ واڌويجهه جي لاءِ سازگار م??حو?? پيدا ڪرڻ آه??، ويزن ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري مدعو ڪرڻ، سيڙپڪارن کي سهولتون ڏيڻ ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي شامل آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٺوس ۽ فعال آءِ ٽي م??حو?? جوڙڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي اعليٰ سطح جي عزم جي ضرورت آه??، صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ ۽ پاليسين ۽ فيصلن کي ٽائيم لائين جي بنياد تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته نوجوانن جي حوصلا افزائي، سيڙپڪاري جي م??حو?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آه??، نوجوانن ??ي معياري آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪري پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار بهتر بڻائي سگهجي ٿو،اسان جي نوجوانن جو وڏو انگ اڳ ۾ ئي آءِ ٽي جي شعبي جي تر??ي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آه??. صدر چيو ته بيوروڪريسي سيڙپڪاري جي مدد ڪري، پنهنجا دروازا کليل رکي، سيڙپڪارن جي آجيان ڪري. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي پوري تعليمي نظام جو جائزو وٺڻ تي ڌيان ڏئي رهي آه??، گريجوئيٽس کي مارڪيٽ تي ٻڌل علم، ٽيڪنيڪ ۽ هنر فراهم ڪري نظام کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تبديل ڪيو ويندو. صدر 350 ملين ڊالر ۾ هڪ پاڪستاني آءِ ٽي ڪمپني حاصل ڪري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ڪمپني کي ساراهيو. هن چيو ته ڊيجيٽل اوشن کي نوجوانن ??ي اعليٰ معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن، ڊيجيٽل اوشن جي سي اي او يانسي سپرول صدر کي ڊيجيٽل اوشن، تر??ي جي حڪمت عملي، مستقبل جي سيڙپڪاري ۽ ڪراچي ۾ ڪاروباري ڪاٿي کي ٽيڻ تي ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو. وفد خاص طور تي ڌيان جي مستحق سماجي اثرن جي شعبن ۾ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.