اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جن??ل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيه?? آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنر?? کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسمياتي تبديل??ن جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي جي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت جي لاءِ حوصلا افزائي تي سيڪريٽري جنرل سان مسلسل تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل جاري انساني امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير ان جي اولين ترجيح آهي. سيڪريٽري جن??ل اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ جي – 77 ۽ چ??ن جي خصوصي وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جي پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم کي پڻ ساراهيو.